سنڌي خبرن لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Friday 6 September 2013

اهائي شاعري آهي،

جانِ عالم

،ياد اڊيڙي دل جا ڌاڳا
،آواز سان گڏ اڪري آئي
،اوچتو اندر مان نڪتو
،ڇڳو ڇڙواڳ لفظن جو
،۽ قصو پاڪ جسمن جو
،اکر اڏامي اڀ ڏي ڊوڙيا
،۽ گيت فضائن ۾ گونجي ويو

،عاشقيءَ جي آڪاش تان ڪريو
،ڏات جي ڏار ۾ اٽڪي پيو
،رڌم جا سڀ رنگ رچائي
،قافيو ڪهڪشائن ۾ گونجي ويو

،سوچن جي ساگر مان
،تخيل تار وهي آيو
،بحر وزن کي ڀاڪر پائي
،غزل گهٽائن ۾ گونجي ويو

،چانڊوڪين ۾ چادر اوڍي
،نگاه تو وڌي جو
،چنڊ بڻجي ويو شاعر
،شعر خلائن ۾ گونجي ويو

،شاعري ڏيئي ڏيک ڏئي ٿي
،سو ناهي ڪو طلسم سائين
،جوانين جي جوت جلي ٿي
،ڳوڙهن جو ڪو ڳوٺ وهائي
،پوء شاعري جنم وٺي ٿي
،هي ڪو مداري ميلو ناهي
،مصور جي تراشيل هڪڙي
،مقدس مورتي آهي
،هي اندر جي احساسن جي
،ڊٺل ڦٽل ڊائري آهي
،اهائي شاعري آهي
.اهائي شاعري آهي

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔