سنڌي خبرن لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Friday 8 February 2013

ٻڌڻ چاهي هر ڪو...

شاعر: اندرا شبنم










ٻڌڻ چاهي هرڪو بهارن جون ڳالهيون
گلن جون ڳالهيون سي خارن جون ڳالهيون

هئا زخم ڌرتيء جا نظرن جي سامهون
اسان ته به ڪڍيون چنڊ تارن جون ڳالهيون

ڪنن ڪڙڪي دريا جي وچ ۾ ٻڌايون
دغاباز ڌورت ڪنارن جون ڳالهيون

ڏکوئيندڙ سچ پربه ڪچ ڇا لاء مئجي
نه ڪر حسن ۽ عشق وارن جون ڳالهيون

هلن ڪي ٿڪا ڪي ڪرن ڪي ڪريا ڪي
پڇي ڇا ڪندين رهگذارن جون ڳالهيون
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Thursday 7 February 2013



‫نظم ...... ديال “صحرائي”

هل ته اچان ٿو...پيار...!!!

ڪهڙو ڇوري پيار ڪري وئين
هن دل جو واپار ڪري وئين
پنهنجو پاڻ کي خوار ڪري وئين
هيڏا سارا يار ڪري وئين
دردن جو نئون باب لکائي
خون ڪرڻ جو خواب لڪائي
ماڻهو لا ڪو گار ڇڏي وئين
ڄڻ ڇڻي جي گار گڏي وئين
تنهنجي لاءِ بازار گرم آ
جتي ت هر ڪا خوار شرم آ
محبت هت بس ڪرڻ جُرم آ
ڪنهن کي بيوس ڪرڻ جُرم آ
ها تو مون کي سادو سمجهو
۽ پو پاڻ کي آجو سمجهو
جيڪو ڪرڻو هو ته ڪري وئين
ڏارو ڏرڻو هو ته ڏري وئين
ماڻهو ڪو ناڻو به ڪندو آ
تنهن تي هو ماڻو به ڪندو آ
پر تو سستو جهان وڪيو آ
محبت جو رُجهان وڪيو آ
ڇا جا ناڻا؟ ڇا جا ماڻا؟
“هل ته اچان ٿو،تو پُڄاڻان”
وارو کيل ته خوب هلي ٿو
ماڻهو ڄڻ ڪو مُرٽ ٻري ٿو
روز جسم جي راند ڪري ٿو
پل ۾ ساري رُت لُٽي ٿو
۽ جُواري بُت لُٽي ٿو
بس واپاري پيار بڻيو آ
اهڙو اڄ سنسار بڻيو آ....‬
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سڄڻ ساٿ توسان صديء جيترو هو


شاعر: عليم سومرو
،چري جي چوين ها پوان چاڪ ٿي
گهاء دل جو چميء جي چتيء جيترو هو

مکڻ مان ڪڍي ڇڏيو تو وار وانگر
سڄڻ ساٿ توسان صديء جيترو هو

تو ٻرڻ کان اڳيئي اجهائي ڇڏيون
سٽن ۾ سهائو بتيء جيترو هو

ڪري سانجهه ديرو صبح ٿئي روانو
پرين پيار تنهنجو پکيء جيترو هو

جي اوڍڻ گهرين ها ڍڪيندو رهان ها
تنهنجو عليم تولئه گنديء جيترو هو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

رهزنن کي روڪجو_خيال سنڌي

شاعر: خيال سنڌي
،رهبرن کي رهزنن کي روڪجو
،سنڌ وڪڻڻ کان انڌن کي روڪجو

،دوستن کي دشمنن کي روڪجو
،عشق ڪافر کان سڀن کي روڪجو

،منهنجو تخيل ڪجه ڏسو اي دوستو
.فاعلاتن فاعلن کي روڪجو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

عزيز گل

شاعر: عزيز گل کوسو
،ڪڏهن نه دل ڏي قرار نوڙيا
،سدائين اداسيء جا بار نوڙيا

،ڏسي رپين کي جهڪي سوين ويا
،ائين ئي سنڌ تان نثار نوڙيا

،هو چنڊ چڙندو رهيو جهڙن ۾
،ڪلهن تان ڇاتيء تي وار نوڙيا

،ٻڌي رسا خودڪشيون ڪيون سين
،وڻن تان ڏک ۾ سي ٽار نوڙيا

،جدائي تو لئه اهائي آهي
،اکين مان ڳوڙها ٻه چار نوڙيا

،اسان وفا جو پلئه نه ساڙيو
.منهنجا ڪڏهن به نه يار نوڙيا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

نظم سيف احمداڻي

شاعر: سيف احمداڻي

،حسين وادي اجاڙ موسم
،نگاه تڙپي لڇي رهي آ
،سوال ڪهڙو پڇي رهي آ
،نهار ٿورو اکيون ته کولي
،ونيون ورن کان کسن پيا ٿا
،ذليل ماڻهو هي سون جهڙيون
،ٻنيون به پنهنجون تڪن پيا ٿا
،پکي امن جا اڏامي ويا هن
،الائي ڪٿان هي عقاب آيا
،گلين ۾ وحشين هٿان وڃائي
،هو عصمتون ڪي شباب آيا
،جنابِ عالي اڃان ڀي ڏس تون
،گلاب پياسا گٽر پين ٿا
،تتي ٿڌيء ۾ اگهاڙي تن سان
،مزور هاري ڪيئن جيئن پيا
،اجالا آڻيوانڌيرا ٽاريو
،سويرا پنهنجا هي خون پيا ڪن
،چٻن کي روڪيو چٻن کي روڪيو
.تباه دل جو سڪون پيا ڪن
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

غزل خيال سنڌي

شاعر: خيال سنڌي
هتي رهنما مليل آهن رهزنن سان
تڏهن آئون نڪران نه ٿو قافلن سان

توڙي مون کي رهڻو پوي ٿو انڌن سان
نڀائيندو پيو اچان مان ڏيئن سان

هنن کان وئي مات کائي آ هوء ڀي
پڄڻ جهڙو مان ڀي نه آهيان هنن سان

تون منهنجي فقيريء جو دشمن ڀلي ٿي
مگر رک نه ياريون گهٽين جي ڪتن سان

نه پيا ڀانء منهنجي طبيعت کي ٻيئي
رهي مون ڏٺو آ ڪنڊن سان، گلن سان

منهنجي پنهنجي فطرت تنهنجي پنهنجي فطرت
مون ٺآهيو هٿن سان تو ڊاهيو لتن سان

ڏسي خيال سُولي وئين ڊڄي ڇا لئه
ائين ئي ٿيندو آيو هت سچن سان
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Monday 4 February 2013

سنڌ ٽي وي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

نثري نظم

شاعر: جانِ عالم

،تون چوين ٿي
،ماڻي وٺ مونکي مجني جيان
،۽ پيار ڏي مونکي پنهونء وانگي
،مگر ٻڌ جانان
،مجني جي زندگي جو مقصد صرف ليلا جي محبت هئي
،۽ پنهونء وٽ پيار کانسواء
،ٻي ڪا ذميواري نه هئي
،۽ مان
،منهنجي زندگيء جو مقصد
،صرف چاهت ناهي چري
،منهنجي ٻڍڙي امڙ
،جن خوابن جي ساڀيان لاء
،راتيون جاگي رليون ٽوپي
،منهنجي ڪتابن لاء پئسا ڪمايا
،پنهنجي پرآسائش زندگي ٺڪرائي
،ڏکن جا ڏونگر سر تي سٺا هئا
،تن خوابن جو جنازو ڪيئن ٿو ڪڍي سگهان
،نه هرگز نه
،سڀ کان پهرين مونکي
،امڙ جي انهن سپنن کي ساڀيان ڪرڻو آ
،۽ ان سان گڏوگڏ
،پنهنجي چاهت کي به چار چنڊ لڳائڻا آهن
،ها مڃان ٿو
،مڃان ٿو تنهنجي محبت خاطر
،مان تاج محل نٿو جوڙي سگهان
،مگر منهنجي دل جي اندر
،تنهنجي محبت جي جيڪا محلات اڏيل آ
،سا ان تاج محل کان هزار دفعا بهتر آ
،جنهن کي جوڙائيندڙ شاهجهان
،ممتاز جي ڀيڻ کي جيون ساٿي بڻايو
،شاهجهان وٽ شايد محبت جو ملهه
،تاج محل تي خرچ آيل رقم جيترو هو
،مگر مان محبت کي محدود رکڻ جو قائل ناهيان
، نه ئي محلات ٺاهڻ جي قابل آهيان
،ڇو ته مان شهنشاه نه پر شاعر آهيان
،منهنجي ملڪيت منهنجون هي سٽون آهن
،۽ مان توکي پنهنجي سموري ملڪيت ارپي ٿو ڇڏيان
،۽ ها
،تو پنهونء وانگر پيار ڏيڻ جو چيو آ
،چري مان مڃان ٿو
،ته پنهونء وانگرپنهنجو گهر ڇڏي
 ،تو وٽ نه ٿو اچي سگهان
،پر تنهنجا سسئي وانگر سور سهڻ
،سرير ۾ ساه هجڻ تائين
،سهي نه سگهندس
،ڇو ته منهنجي محبت زماني وانگر رواجي ناهي 
،جو ڪم نڪتو ڪاڳر ڦاٽو واري ڪار ڪريان
،مون محبت کي فرض سمجهيو آ
،مون چاهت جي عبادت ڪئي آ
،ها
.مون چاهت جي عبادت ڪئي آ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڀليڪار

مهراڻ ادبي سٿ جي سموري سٿ طرفان اوهان سڀني دوستن کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا. اميد ته بلاگ پسند ايندو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڀليڪار

جانِ عالم
السلام عليڪم دوستو،
ڀلي ڪري آياا. اميد ته هي بلاگ اوهان کي پسند ايندو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>