سنڌي خبرن لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Friday 6 September 2013

اهائي شاعري آهي،

جانِ عالم

،ياد اڊيڙي دل جا ڌاڳا
،آواز سان گڏ اڪري آئي
،اوچتو اندر مان نڪتو
،ڇڳو ڇڙواڳ لفظن جو
،۽ قصو پاڪ جسمن جو
،اکر اڏامي اڀ ڏي ڊوڙيا
،۽ گيت فضائن ۾ گونجي ويو

،عاشقيءَ جي آڪاش تان ڪريو
،ڏات جي ڏار ۾ اٽڪي پيو
،رڌم جا سڀ رنگ رچائي
،قافيو ڪهڪشائن ۾ گونجي ويو

،سوچن جي ساگر مان
،تخيل تار وهي آيو
،بحر وزن کي ڀاڪر پائي
،غزل گهٽائن ۾ گونجي ويو

،چانڊوڪين ۾ چادر اوڍي
،نگاه تو وڌي جو
،چنڊ بڻجي ويو شاعر
،شعر خلائن ۾ گونجي ويو

،شاعري ڏيئي ڏيک ڏئي ٿي
،سو ناهي ڪو طلسم سائين
،جوانين جي جوت جلي ٿي
،ڳوڙهن جو ڪو ڳوٺ وهائي
،پوء شاعري جنم وٺي ٿي
،هي ڪو مداري ميلو ناهي
،مصور جي تراشيل هڪڙي
،مقدس مورتي آهي
،هي اندر جي احساسن جي
،ڊٺل ڦٽل ڊائري آهي
،اهائي شاعري آهي
.اهائي شاعري آهي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

رهيو ناهي دنيا اندر ڀرم اڄڪلهه

غزل:جانِ عالم

،رهيو ناهي دنيا اندر ڀرم اڄڪلهه
 ،اسان تي ڪونه آ تنهنجو ڪرم اڄڪلهه

،سرِ بازار نيلامي ننگن جي هت
،بڻي دنيا سموري بيشرم اڄڪلهه

،پٿر دنيا پٿر دليون پٿر ماڻهو
،وکر ناهي هتي ڪوئي نرم اڄڪلهه

،لڳي ٿو ٿي خطا مونکان وڏي آهي
،تڏهن لهجو تنهنجو ا گرم اڄڪلهه

،جڏهن انسان ٿيو حيوان کان بدتر
.تڏهن واپار بڻيو آ ڌرم اڄڪلهه

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Friday 8 February 2013

ٻڌڻ چاهي هر ڪو...

شاعر: اندرا شبنم










ٻڌڻ چاهي هرڪو بهارن جون ڳالهيون
گلن جون ڳالهيون سي خارن جون ڳالهيون

هئا زخم ڌرتيء جا نظرن جي سامهون
اسان ته به ڪڍيون چنڊ تارن جون ڳالهيون

ڪنن ڪڙڪي دريا جي وچ ۾ ٻڌايون
دغاباز ڌورت ڪنارن جون ڳالهيون

ڏکوئيندڙ سچ پربه ڪچ ڇا لاء مئجي
نه ڪر حسن ۽ عشق وارن جون ڳالهيون

هلن ڪي ٿڪا ڪي ڪرن ڪي ڪريا ڪي
پڇي ڇا ڪندين رهگذارن جون ڳالهيون
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Thursday 7 February 2013



‫نظم ...... ديال “صحرائي”

هل ته اچان ٿو...پيار...!!!

ڪهڙو ڇوري پيار ڪري وئين
هن دل جو واپار ڪري وئين
پنهنجو پاڻ کي خوار ڪري وئين
هيڏا سارا يار ڪري وئين
دردن جو نئون باب لکائي
خون ڪرڻ جو خواب لڪائي
ماڻهو لا ڪو گار ڇڏي وئين
ڄڻ ڇڻي جي گار گڏي وئين
تنهنجي لاءِ بازار گرم آ
جتي ت هر ڪا خوار شرم آ
محبت هت بس ڪرڻ جُرم آ
ڪنهن کي بيوس ڪرڻ جُرم آ
ها تو مون کي سادو سمجهو
۽ پو پاڻ کي آجو سمجهو
جيڪو ڪرڻو هو ته ڪري وئين
ڏارو ڏرڻو هو ته ڏري وئين
ماڻهو ڪو ناڻو به ڪندو آ
تنهن تي هو ماڻو به ڪندو آ
پر تو سستو جهان وڪيو آ
محبت جو رُجهان وڪيو آ
ڇا جا ناڻا؟ ڇا جا ماڻا؟
“هل ته اچان ٿو،تو پُڄاڻان”
وارو کيل ته خوب هلي ٿو
ماڻهو ڄڻ ڪو مُرٽ ٻري ٿو
روز جسم جي راند ڪري ٿو
پل ۾ ساري رُت لُٽي ٿو
۽ جُواري بُت لُٽي ٿو
بس واپاري پيار بڻيو آ
اهڙو اڄ سنسار بڻيو آ....‬
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سڄڻ ساٿ توسان صديء جيترو هو


شاعر: عليم سومرو
،چري جي چوين ها پوان چاڪ ٿي
گهاء دل جو چميء جي چتيء جيترو هو

مکڻ مان ڪڍي ڇڏيو تو وار وانگر
سڄڻ ساٿ توسان صديء جيترو هو

تو ٻرڻ کان اڳيئي اجهائي ڇڏيون
سٽن ۾ سهائو بتيء جيترو هو

ڪري سانجهه ديرو صبح ٿئي روانو
پرين پيار تنهنجو پکيء جيترو هو

جي اوڍڻ گهرين ها ڍڪيندو رهان ها
تنهنجو عليم تولئه گنديء جيترو هو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>