سنڌي خبرن لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Friday 6 September 2013

اهائي شاعري آهي،

جانِ عالم

،ياد اڊيڙي دل جا ڌاڳا
،آواز سان گڏ اڪري آئي
،اوچتو اندر مان نڪتو
،ڇڳو ڇڙواڳ لفظن جو
،۽ قصو پاڪ جسمن جو
،اکر اڏامي اڀ ڏي ڊوڙيا
،۽ گيت فضائن ۾ گونجي ويو

،عاشقيءَ جي آڪاش تان ڪريو
،ڏات جي ڏار ۾ اٽڪي پيو
،رڌم جا سڀ رنگ رچائي
،قافيو ڪهڪشائن ۾ گونجي ويو

،سوچن جي ساگر مان
،تخيل تار وهي آيو
،بحر وزن کي ڀاڪر پائي
،غزل گهٽائن ۾ گونجي ويو

،چانڊوڪين ۾ چادر اوڍي
،نگاه تو وڌي جو
،چنڊ بڻجي ويو شاعر
،شعر خلائن ۾ گونجي ويو

،شاعري ڏيئي ڏيک ڏئي ٿي
،سو ناهي ڪو طلسم سائين
،جوانين جي جوت جلي ٿي
،ڳوڙهن جو ڪو ڳوٺ وهائي
،پوء شاعري جنم وٺي ٿي
،هي ڪو مداري ميلو ناهي
،مصور جي تراشيل هڪڙي
،مقدس مورتي آهي
،هي اندر جي احساسن جي
،ڊٺل ڦٽل ڊائري آهي
،اهائي شاعري آهي
.اهائي شاعري آهي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

رهيو ناهي دنيا اندر ڀرم اڄڪلهه

غزل:جانِ عالم

،رهيو ناهي دنيا اندر ڀرم اڄڪلهه
 ،اسان تي ڪونه آ تنهنجو ڪرم اڄڪلهه

،سرِ بازار نيلامي ننگن جي هت
،بڻي دنيا سموري بيشرم اڄڪلهه

،پٿر دنيا پٿر دليون پٿر ماڻهو
،وکر ناهي هتي ڪوئي نرم اڄڪلهه

،لڳي ٿو ٿي خطا مونکان وڏي آهي
،تڏهن لهجو تنهنجو ا گرم اڄڪلهه

،جڏهن انسان ٿيو حيوان کان بدتر
.تڏهن واپار بڻيو آ ڌرم اڄڪلهه

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>